ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمَامَنِ سِين @amirhamzo
Amir Hamzo Mirani Amir Hamzo Mirani
1.92K subscribers
29 views
7

 Published On Jul 15, 2024

#amirhamzo #poetry #proud #imam
سَختِي شَهادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلهارُ،
ذَرو ناهِه يَزِيدَ کي، اِي عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمَامَنِ سِين
حوالو: شاه جو رِسالو، نُسخو غُلام محمد شاهواڻِي
سُر ڪيڏارو، داستان. پهريون، بَيتُ. نائون
سَختِي شَهادَتَ جِي، مَلهارُ مِڙوئِي،
ذَرو ناهِه يَزِيدَ کي، آثارُ اُهو ئِي،
ڪُسَڻَ هو ڪوئِي، اَصلِ اِمَامَنِ سِين.
حوالو: شاه جو رِسالو، نُسخو غُلام محمد شاهواڻِي
سُر ڪيڏارو، داستان. پهريون، بَيتُ. ڏَهون
سَختِي شَهادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،
رِندَ پَروڙِين رازُ، قَضِئي ڪَرِبَلا جو
حوالو: شاه جو رِسالو، نُسخو غُلام محمد شاهواڻِي
سُر ڪيڏارو، داستان. پهريون، بَيتُ. يارهون
سَختِي شَهادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلهارُ،
شَهادَتَ جي سَختي ايئن آهي جِيئن جھُڙالي مُندَ جي جھُڙُ ڦُڙ
ذَرو ناهِه يَزِيدَ کي، اِي عِشقَ جو آثارُ،
يَزيد کي ٿوري به سُڌ ڪانهي، هي ته عِشق جا اَثار آهِن
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمَامَنِ سِين.
سِرَ ڏِيَڻَ جو وَاعِدو اِمامن جو ڪَيلُ آهي.
سَختِي شَهادَتَ جِي، مَلهارُ مِڙوئِي،
شَهادَتَ جي سَختي ايئن آهي جھُڙالي مُندَ جي جھُڙُ ڦُڙ وانگُر آهي.
ذَرو ناهِه يَزِيدَ کي، آثارُ اُهو ئِي،
يَزيد کي ٿوري به سُڌ ڪانهي، هي ته عِشق جا اَثار آهِن
ڪُسَڻَ هو ڪوئِي، اَصلِ اِمَامَنِ سِين.
سِرَ ڏِيَڻَ جو وَاعِدو اِمامن جو ڪَيلُ آهي.
سَختِي شَهادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،
شَهادَتَ جي سَختي ايئن آهي نِج .
رِندَ پَروڙِين رازُ، قَضِئي ڪَرِبَلا جو
جيڪي ڳالهين جون گَهِرايُون سَمجھڻ وارا ماڻهو آهن، اُهي ئِي ڪَربلا جي واقعي سَمجهي سَگھن ٿا.
بَيتَ جو مَجموعِي مَطلبُ ۽ مفهُوم
نِمرود حضرت ابراهيم عَلَيه السلام جَن کي آڙاهَه ۾ اُڇِلائي خُوشِيون ڪَرَڻ لڳو هوڏانهن حَقِيَقتَ ۾ هيئن ٿيو جو الله سائِينَ آڙاهَه کي حضرت ابراهيم عَلَيه السلام لاءِ ٿَڌو ڪَري ڇَڏِيو. يَعني نَمرود سوچيو ته انهن ساڙي ڇَڏِيو. جَڏهِن تَه حضرت ابراهيم عَلَيه السلام لُطف راحت سان سَلامت رَهِيو.
.بيشڪ شَهادت ماڻيندڙ شَهيدن جا رَبَّ وَٽِ رُتِبا آهِن، شهيد ربَّ جي رَضا ۽ رَحمت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سِرَ جِي قُرباني ڏيندا آهِن، شهيد شهادت ماڻَڻَ دَوران بَظاهِر وَڏي سَختي گُذرَندي نظر ٿو اَچي حالانڪه شَهيدن جي لاءِ اُها مَهل ملهاري، جھُڙالي مُند جي ماحول جهڙي هوندي آهي، يزيد ٺلهو هو، ٺلهي کي ڪهڙي خبر ته نِينهن ڪيئَن نِباهِبو آهي، آهِن. امامن ته عِشق جا آداب ادا ڪري سِرَ صَدِقي ٿي ڪيا. سِر، ساه صدقي ڪرڻ جا اعلي عَظِيم عَزم اِمامَن جا ٿِيل هُئا. هيءَ جيڪا بظاهرُ سخَتي آهي اها سَراسر سَرهائِي آهي، اَهڙين واقعن کي گَهَرا، ڪُهنه ماڻهو، صفا سالِم، سالِڪَ ئي سَمجھي سَگھَنِ ٿا.
Rationale of Dates & Days
ھي سُومر جو ڏِينھن آھي، اِنھيءَ ڏِينھن جِي وِڊِيو سان واڳِيل تاريخُون
سِجَ جي مَھِيني جُون تاريخُون
سُومر 15 جولاءِ 2024ع
چَنڊَ جي مَھِيني يا اِسلامِي مَھِيني جي تاريخ
مُطابِق: سُومر 087 محرم الحرام 1446ھِجرِي
موسمي مَھيني جي تاريخ مُطابق
سُومر31 آهڙ 2081 بڪرمي

show more

Share/Embed