پرين جي پرديس مينهن مون کي ميڙيا @amirhamzo
Amir Hamzo Mirani Amir Hamzo Mirani
1.92K subscribers
49 views
8

 Published On Aug 6, 2024

#amirhamzo #rain #clouds #sawan #sarang
اَڄُ پُڻِ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ
وِڄُون وَسَڻَ آئِيون، ڪَري لال لَبيسَ،
پرِين جي پَرديس، مُون کي مِينهَن ميڙيا.
حَوالو: شاه جو رِسالو (غُلام محمد شاهواڻِيءَ جو نُسخو)
سُر سارَنگُ، داستانُ پهريون، بَيت: ڏَهون
وَضاحَتِي نوٽ
هِن بَيتَ جِي پَهرئِين مِصرَع جو پَهِرِيون پَدُ لَطِيف سائِينءَ ٻِين بَيتَنِ ۾ پِڻ وَرِجايو آهي.
ٻِيَنِ بَيتَنِ جُون مصرعُون
۽ وَرِجايَل پَدَ
اَڄُ پُڻ اتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَريُون ڪارِيُون، (سُرسارَنگُ)
اَڄُ پُڻ اتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيس،(سُرسارَنگُ)
اَڄُ پُڻ اتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪيائين، (سُرسارَنگُ)
اَڄُ پُڻ اتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري، (سُرسارَنگُ)
پارُ: طَرفُ
ڪيسُ: وارن ڪارَن ڪَرَڻ جو هِڪُ رَنگُ، جَنهن کي خِضابُ چَئِبو آهي. (بَيتَ موجِبُ: هِن لَفظ جي مَعنيٰ ٿِيندي) ڪيسَ جي رَنگَ جَهِڙا ڪارا
لال: ڳاڙهو
لَبيسَ: پوشاڪَ، پَهِراڻُ يا لِباسُ
هي لَفظُ لَطِيفَ سائِينءَ ٻِيَنِ بَيتَنِ ۾ پِڻ ڪَمِ آندو آهي.
لالَڻَ جِي لَبيسَ آتَڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي (سُر مُومَل راڻو)
بَيتَ جي مِصرَعُنِ جِي سادِي سَمجھاڻِي
اَڄُ پُڻِ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ،
اُتر جي طرف کان اَڄُ، ڪيسَ جي رَنگَ جَهِڙا ڪارا ڪَڪَرَ نِڪتا آهِن.
وِڄُون وَسَڻَ آئِيون، ڪَري لال لَبيسَ،
ڳاڙها ويسَ ڪَري، وِڄُون وَسَڻ آيُون آهِن.
پرِين جي پَرديس، مُون کي مِينهَن ميڙيا.
پورهي جي ڪري پِرين پرديس وَيل هُئا جڏهن مِينهن وَٺو ته محبوب موٽي آيا.
بَيتَ جو مَجمُوعِي مَطلَبُ ۽ مَفهُومُ
اِلاهي اَيامن کان پوءِ جَڏَهِن جهُڙُ جمع ٿيندو آهي، بادِل ڀَرجِي اِيندا آهِن، ڪڪر ڪڪورِبا آهِن، ته تَسايل، اُڃايل تَنَ تَمام گھَڻا خوش ٿِيندا آهِن.وَڏي جذبي سان چَيو ويندو آهي يَا ٻُڌو ويندو آهي ته اَڄ ڪڪر ڪارا ڪيس ڪري آيو آهي جيئن ڀِٽائِي بَيتَ ۾ بَيانُ ٿو ڪَري..
اَڄُ پُڻِ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ
وِڄُون وَسَڻَ آئِيون، ڪَري لال لَبيسَ،
پرِين جي پَرديس، مُون کي مِينهَن ميڙيا.
جيئن ماڻهو وارن کي ڪاري ڪرڻ جو ڪيسُ ڪَندا آهِن. خِضابُ ڪَندا آهِن. ايئن اُتر جي طرف کان ڪارا ڪڪر ڪاراڻِ ڪَري آيا آهِن. اِهي ڪڪر اڪيلا ڪِينهَنِ. پر، اُنهن سان کنوڻِيُون به کيج ڪري رَهِيون آهِن، جَن سان آسمان ۾ ڳاڙهاڻِ ڇائجي، سَمائِجي ٿِي وَڃي. اُڀَ ۾ اِهو ڪَڪَرُ جيڪي پوشاڪون ۽ پَهِراڻ پائي رَهِيو آهي، اهي سُڀُ لِباسَ، رَنگَ، رُوپَ مِينهن وَسَڻ جا اَٿَسِ.
. بارش، بَرساتِ سان هر جيءُ جَرڪي ٿو پَوي، ڏُکَ، ڏُڪر ڏُورُ ٿِيندا. سوڪَهِڙي جي ڪَري منهنجو پِرين ڪَمائڻ ڪاڻِ پَري وِيو هو، مِينهن وَٺو ته مون پَنهِنجو ڪانڌُ اَڱَڻ تي ڏِٺو. اهي مِهربانِيون مينهن جُون مَڃِبييون، جَنهن محبُوبَ مِلايو
Rationale of Dates & Days
ھي اڱاري جو ڏِينھن آھي، اِنھيءَ ڏِينھن جِي وِڊِيو سان واڳِيل تاريخُون
سِجَ جي مَھِيني جُون تاريخُون
اڱارو 06 آگسٽ 2024ع
چَنڊَ جي مَھِيني يا اِسلامِي مَھِيني جي تاريخ
مُطابِق: اڱارو 30 محرم الحرام 1446ھِجرِي
موسمي مَھيني جي تاريخ مُطابق
اڱارو 22 ساوڻ 2081 بڪرمي

show more

Share/Embed