حُورُون هارَ ٻَڌَنِ، سَهِرا شَهِيدَنِ کي @amirhamzo
Amir Hamzo Mirani Amir Hamzo Mirani
1.92K subscribers
23 views
2

 Published On Jul 16, 2024

#amirhamzo #poetry #brave #
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪينَ رَهنِ،
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِيا، اَڳِيان اِمامَنِ،
يُجاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللهِ، ڪَمُ اِهو ئِي ڪَنِ،
حُورُون هارَ ٻَڌَنِ، سَهِرا شَهِيدَنِ کي.
حوالو: شاه جو رِسالو
غُلام محمد شاهواڻِيءَ جو نُسخو
سُرڪيڏارو، داستان ڇهون، بَيتُ: ڏَهون
ڪُوپا: غازي، غَيرَتمَند،
ڪِلو: جَنگِ جو ميدانُ
راوَتَ: بَهادُر
سَائُو: بَهادُر. سائُن لفظ سائُوءَ جي مَفعولِي صورت آهي.
سَهِرا: موڙَ ثقافتي طَور طريقو
یُجَاہِدُوۡنَ فِـیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ: اُهي الله جي راه ۾ جِهاد ڪَندا. سُوۡرَةُ الۡمَآئِدَة. آيت: ۵۴
بَيتَ جي مِصرَعُنِ جِي سادِي سَمجھاڻي
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪينَ رَهنِ،
جَنگِ جي ميدان ۾ غازي ڪُڏَيا ۽ کيڏِيا، بهَادُر جَنگِ جي ميدان وڙهڻ کان رَهي نه ٿا سَگھَنِ.
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِيا، اَڳِيان اِمامَنِ،
بَهادُرَنِ اِمامَنِ جي اَڳِيان، پنهنجا سِر قُربانُ ڪَيا
يُجاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللهِ، ڪَمُ اِهو ئِي ڪَنِ،
جيئن سَچا مومن الله جي راهَه ۾ جِهادُ ڪَندا، اِمام ۽ اِمامَنِ جا اَصحاب به اهو ئي ڪَمُ ڪن ٿا
حُورُون هارَ ٻَڌَنِ، سَهِرا شَهِيدَنِ کي.
جيڪو جيڪو به شهيد ٿي رَهيو هو، جَنت جُون حُورُون اُنَ وَٽِ پَهُچِي اُنَ کي موڙَ ٻَڌَنِ ٿِيُون.
بَيتَ جو مَجموعي مَطلب ۽ مفهُومُ
جَنهن لَشڪر، جَٿي، دَستي يا ٽولي جا سڀُ جا سَڀُ رُڪنَ مُتَّقي ۽ پرهيزگار پَهِلوانَ هُجَن، اُنَ مُختصر ٽولڙي جو واهَه جو موهيندڙ منظر هُوندو. حَقَّ جِي راهَه ۾ ڪُسجَڻ کان اُنهن ۾، نه ڪو لنوائيندو نه ڪي نَٽائيندو، ايمان جي قوت، طاقت سان اُهو ميدان ۾ لهندو ۽ لَڙَندو.
لطيف سائين اهڙي ڪِلي ۽ ڪوپَنَ جو ذڪرُ هِيئن ٿو ڪري.
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا،
راوَتَ ڪينَ رَهنِ،
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِيا،
اَڳِيان اِمامَنِ،
يُجاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللهِ،
ڪَمُ اِهو ئِي ڪَنِ،
حُورُون هارَ ٻَڌَنِ، سَهِرا شَهِيدَنِ کي.
جَنگِ جو ميدانُ ڏِسِي بَهادُرڪيئن بِيهي رَهَندا، هو سَڀُ بَهادُر صحابي اَمامَن جا،اِمامَن تان فِدا ٿي ويندا. اهو ئي عَمَلُ ڪَندا رَهندا جيئن قُرآن شَريف جي سُوۡرَةُ الۡمَائِدَه جِي آيت ۵۴ ۾ چَيل آهي ته ”اُهي الله جي راهَ ۾ جِهادُ ڪَندا“ جيئن ڪو وِڙهندي شَهيد ٿئي ٿو ته اُن وٽِ جَنتِ جُون حُورون پَهُچِي ٿِيُون وَڃَنِ، ۽ پَهُچِي مُوڙَ ٻَڌَنِ ٿِيُون جيئن شاديءَ ۾ گھوٽ کي موڙَ ٻَڌا وِيندا آهِن.


Bold

show more

Share/Embed